ڊي جي سنڌ ڪاليج سرسوتي منڊل ڪراچي

ڊي. جي. سنڌ ڪاليج سرسوتي منڊل، ڪراچي: 1942ع ۾ ڊي. جي. سنڌ ڪاليج ڪراچيءَ جي شاگردن ۽ استادن پروفيسر رام پنجواڻي، ڄيٺانند ناگراڻي، سندس سؤٽ ڪشنچند ناگراڻي ۽ ٻين ڊي. جي. سنڌ ڪاليج سرسوتي منڊل نالي هڪ گروپ قائم ڪيو. هن گروپ طرفان ڄيٺانند ناگراڻيءَ جا مزاحيه ڊراما، گامٽو اڊيٽر، گامٽو بيرسٽر، گامٽو ڊاڪٽر، گامٽو فلم ڪمپني، گامٽو ايم. ايل. اي، گامٽو گھوٽ وغيره پيش ڪيا ويا، جيڪي ليکڪ رام پنجواڻيءَ جي سهڪار سان اسٽيج تي پيش ڪندو هو ۽ انهن ڊرامن جا خاص اداڪار به ڄيٺانند ناگراڻي ۽ رام پنجواڻي هوندا هئا.


هن صفحي کي شيئر ڪريو